وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  پاران پمز اسپتال ۾  نون ڄاول ٻارڙن جي فوتگي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پمز اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ تي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي انتهائي گهڻو افسوس ٿيو ۽ دل ڏکويل آهي، معصوم ٻارڙن جي فوتگي تي والدين ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين سان دلي تعزيت ڪيان ٿو. انساني حقن واري وزارت پاران جاري بيان ۾ …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پمز اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ تي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي انتهائي گهڻو افسوس ٿيو ۽ دل ڏکويل آهي، معصوم ٻارڙن جي فوتگي تي والدين ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين سان دلي تعزيت ڪيان ٿو. انساني حقن واري وزارت پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان  ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وفاقي وزير چيو ته واقعي جي مڪمل سببن جو تعين ضروري آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ نون ڄاول ٻارڙن ۽ حساس مريضن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، اسپتالن ۾ فائر سيفٽي انتظامن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري ۽ موثر ريسپانس يقيني بڻايو وڃي.  وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حفاظتي نظام وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويل ٻارڙن کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن والدين ۽ ٻين گهر ڀاتين کي صبر عطا فرمائي.