شيري رحمان پاران پمز جي نرسري ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾  14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پمز جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پنهنجي ٻارن کي ان المناڪ حادثي ۾ وڃائيندڙ والدين جو ڏک لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. جاري بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارڙن جون حياتيون ايئن وڃڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پمز جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پنهنجي ٻارن کي ان المناڪ حادثي ۾ وڃائيندڙ والدين جو ڏک لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. جاري بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارڙن جون حياتيون ايئن وڃڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ برداشت نه ڪرڻ جهڙي تڪليف آهي.  پمز جهڙي وڏي سرڪاري اسپتال جي نرسري ۾ معصوم ٻارن جي حياتيون ضايع ٿيڻ کي رڳو هڪ حادثو قرار ڏئي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حادثي جي ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن انتظامي ڪوتاهي يا حفاظتي قدمن ۾ ڪوتاهي ثابت ٿئي ته ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪنهن صورت به معاف نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته معصوم ٻارڙن جي حياتين جي نقصان جو ڪو ازالو ناهي، جڏهن ته ذميوارن جو تعين ۽ احتساب  آئينده اهڙن سانحن جي روڪٿام لاءِ اڻٽر آهي. الله تعاليٰ متاثر والدين کي ان ناقابل برداشت صدمي تي صبر، حوصلو ۽ استقامت عطا فرمائي.