لاهور -26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف، پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. محمد نواز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي دل ڏکويل …
محمد نواز شريف پاران پمز اسپتال واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
لاهور -26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف، پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. محمد نواز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي دل ڏکويل آهي. هن چيو ته ڏکويل والدين جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن کي صبر عطا فرمائي. هن حڪومت تي زور ڀريو ته سانحي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آئينده اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.











