قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پمز اسپتال ۾  باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويل 14 ٻارڙن جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ بلاڪ جي نرسري ۾ پيش آيل باهه لڳڻ واري واقعي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ميڊيا آفيس مان جاري بيان ۾ هن معصوم ٻارن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته باهه …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ بلاڪ جي نرسري ۾ پيش آيل باهه لڳڻ واري واقعي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ميڊيا آفيس مان جاري بيان ۾ هن معصوم ٻارن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته باهه جي ان افسوسناڪ واقعي تي دل کي صدمو رسيو آهي. هن  چيو ته ٻارن جي والدين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ ٻارن جي والدين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو توفيق عطا فرمائي.