توانائي واري وفاقي وزير پاران پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿي وڃڻ جي خبر انتهائي افسوسناڪ آهي. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن ) پاران جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته فوت ٿي ويل نون ڄاول 14 ٻارڙن جي والدين ۽  خاندانن وارن سان …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿي وڃڻ جي خبر انتهائي افسوسناڪ آهي. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن ) پاران جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته فوت ٿي ويل نون ڄاول 14 ٻارڙن جي والدين ۽  خاندانن وارن سان ڏک جي ان گهڙي ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وفاقي وزير  دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويل ٻارڙن جي والدين ۽ خاندانن وارن کي صبر عطا فرمائي. هن چيو ته قوم زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي.