وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پاران پمز اسپتال ۾ باهه واري واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم ٻارن جي حياتين جي نقصان تي انتهائي ڏکويل آهيان، الله تعاليٰ  ٻارڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان افسوسناڪ حادثي ۾ 14 معصوم ٻارڙن …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ نون ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم ٻارن جي حياتين جي نقصان تي انتهائي ڏکويل آهيان، الله تعاليٰ  ٻارڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان افسوسناڪ حادثي ۾ 14 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ڏکويل آهيان. ٻارن جي نگهداشت واري وارڊ ۾ اي سي بلاسٽ ٿيڻ سبب باهه لڳي، وارڊ ۾ آڪسيجن جي موجودگي سبب باهه شدت اختيار ڪئي. هن چيو ته واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميه ۽ انفورسمينٽ ايجنسي موقعي تي پهتل آهي، سيڪريٽري صحت سميت صحت واري وزارت جا آفيسر پمز ۾ موجود آهن. هن سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾  حڪومت ۽ صحت واري وزارت متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته  متاثر خاندانن جي غم ۽ ڏک کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.