اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پمز اسپتال ۾ باهه جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي دل کي انتهائي گهڻو صدمو پهتو آهي، غم جي ان گهڙي ۾ متاثر …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران پمز اسپتال واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پمز اسپتال ۾ باهه جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي دل کي انتهائي گهڻو صدمو پهتو آهي، غم جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي والدين کي اهو ناقابل تلافي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي. اهڙن المناڪ واقعن جي سببن جون سموريون حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن ۽ ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.











