نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه جي روشني ۾ نئين نسل جي اخلاق ۽ شخصيت جي تعمير جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قومي سيرت ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه جي روشني ۾ نئين نسل جي اخلاق ۽ شخصيت جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زندگي جو ڪو اهڙو رخ نه آهي جنهن کي پاڻ ﷺ پنهنجي اسوه حسنه سان روشن نه ڪيو هجي، پاڻ ﷺ جي حيات مبارڪه جو هر واقعو اسان جي لاءِ هدايت جو مڪمل …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه جي روشني ۾ نئين نسل جي اخلاق ۽ شخصيت جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زندگي جو ڪو اهڙو رخ نه آهي جنهن کي پاڻ ﷺ پنهنجي اسوه حسنه سان روشن نه ڪيو هجي، پاڻ ﷺ جي حيات مبارڪه جو هر واقعو اسان جي لاءِ هدايت جو مڪمل پيغام آهي، اسان کي تحريڪ پاڪستان جي روح کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي جڏهن سڀ مسلمان مسلڪي سڃاڻپ کي پٺتي وجهندي قائداعظم جي قيادت ۾ متحد ٿي ويا، الله تعالى موقعو ڏنو ته اسان مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي مخلصاڻي ڪوشش ڪئي، سعودي عرب ۽ ترڪيه پاڪستان سان گڏ مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهن، وحدت جي فروغ ۽ فتنه پرور ۽ مفاد پرست عنصرن کان عوام کي بچائڻ جي لاءِ عالمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن هتي 12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي ﷺ جي مناسبت سان قومي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، عالمن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 12 ربيع الاول جي هي عظيم الشان ڪانفرنس، اسان جي قابل فخر قومي روايت آهي، هن مبارڪ ۽ بابرڪت ڏينهن تي هر سال ملڪ جي هر حصي مان هر مسلڪ جا عالم، محققين ۽ اسڪالرز هڪ ڇت هيٺ گڏ ٿين ٿا. هن چيو ته هي عظيم اجتماع، ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اسان سڀ الله جي آخري رسول نبي ڪريم ﷺ جي رحمت جي ڇانوَ هيٺ هڪ ملت آهيون، پاڻ ﷺ جي بي مثال ۽ بابرڪت هستيءَ اسان جي سڃاڻپ آهي، پاڻ ﷺ اسان جي عزت ۽ اسان جي جان آهن، پاڻ ﷺ جو اُمتي هجڻ اسان جو ايمان آهي، پاڻ ﷺ جي بعثت، پوري انسانيت جي لاءِ الله جو احسان آهي. وزيراعظم چيو ته هي حسين اتفاق آهي ته هن سال هي مبارڪ ڏينهن آگسٽ جي مهيني ۾ آيو جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته 14 آگسٽ تي رمضان المبارڪ جي رحمتن جي ڇانوَ هئي، اهو غيبي اشارو آهي ته پاڪستان تي الله تعالى جو ڪرم ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نگاهه رحمت آهي. وزيراعظم چيو ته هو مذهبي معاملن واري وزارت ۽ عالم سڳورن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏي ٿو ته انهن سيرت ڪانفرنس جي پاڪيزه روايت کي زندهه رکيو آهي. عالم سڳورا اسان جي اخلاقي قدرن جا پاسبان آهن، اسان انهن جي خدمت ۾ ويهون ٿا ۽ انهن کان دين سکون ٿا. انهن جي عزت ۽ توقير اسان تي واجب آهي. وزيراعظم چيو ته جن ڪتابن کي اڄ انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي آئون انهن جي ليکڪن کي به هديه تبريڪ پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڪانفرنس جي لاءِ جيڪو عنوان چونڊيو ويو آهي، اهو بامعنى به آهي ۽ وقتائتو به، نئين نسل جو تحفظ تعمير ۽ ڪردار، سيرت النبي جي روشني ۾ نئون نسل اسان جي اميدن جو مرڪز آهي، اهو اسان جو روشن مستقبل آهي. ان نسل جي تعليم ۽ تربيت اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جي سامهون هڪ اهم سوال آهي مستقبل ۾ اسان ڪهڙو پاڪستان ڏسڻ چاهيون ٿا؟ ان جو جواب تمام سادو آهي اسان جهڙي نسل تيار ڪنداسين، اسان جو مستقبل به اهڙو ئي هوندو، اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه جي صورت ۾ اسان وٽ اخلاق جو ڪامل ترين نمونو موجود آهي، جنهن جي نظير پوري انساني تاريخ ۾ نه ٿي ملي، اسان کي الله تعالى اهڙو سراج منير عطا فرمايو آهي جنهن جي روشني سان اسان پنهنجي ٻارن جي دل ۽ دماغ کي منور ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته زندگي جو ڪو اهڙو رخ نه آهي جنهن کي نبي ڪريم ﷺ پنهنجي اسوه حسنه سان روشن نه ڪيو هجي. پاڻ ﷺ جي حيات مبارڪه جو هر واقعو اسان جي لاءِ هدايت جو مڪمل پيغام آهي، صلح حديبيه ۾ پاڻ ﷺ اسان کي عقل ۽ بصيرت جو پيڪر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مشڪل کي پنهنجي دانش سان آساني ۾ بدلائين ٿا. نبي ڪريم ﷺ صحابه ڪرام کي پيغام ڏين ٿا ته اڄ اسان حڪمت ۽ دورانديشي کان ڪم ورتو ته ايندڙ ڏينهن ۾ فتح مبين اسان جي منتظر آهي. طائف ۾ جڏهن پاڻ ﷺ کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته پاڻ ﷺ صبر جو ڪامل ترين نمونو بڻجي وڃن ٿا ۽ پنهنجي مخالفن جي هدايت جي لاءِ دعا فرمائين ٿا اهو ئي شان پيغمبري آهي، مديني تشريف آڻين ٿا ته مهاجر ۽ انصار ۾ ڀائيچارو قائم ڪن ٿا، ان ۾ هڪ عظيم درس آهي جيڪڏهن هڪ معاشري جا ماڻهو ڏک، درد ۽ پريشاني ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿيندا ته مشڪلاتن کي آسانين ۾ بدلائي سگهجي ٿو، مسئلا معاشي هجن يا سماجي، محبت ۽ ڀائيچارو انهن جو حل آهي. اسان ٻين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪريون ٿا ته الله تعالى اسان جي مشڪلاتن کي آسان ڪري ڇڏي ٿو، جڏهن تنگي هوندي ته صبر فرمائيندا ۽ جڏهن الله تعالى مال سان نوازي ته سورج لهڻ کان اڳ ان کي ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ اختلافن جا آداب به سيکاريا، مڪالمو سيکاريو، اهل ڪتاب کي چيو: “اچو انهن ڳالهين طرف جيڪي اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ گڏيل آهن، فتح مڪه جي موقعي تي جڏهن پاڻ عظيم الشان لشڪر سان گڏ شهر ۾ داخل ٿين ٿا ته عاجزي جا پيڪر بڻجي وڃن ٿا، اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ﷺ جي جان جا دشمن هئا پاڻ ﷺ انهن جي لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏين ٿا، حجته الوداع جي موقعي تي هڪ عظيم الشان رياست جي حڪمران جي حيثيت سان پاڻ اعلان فرمائين ٿا ته ڪنهن عربي کي عجمي تي، ڪنهن عجمي کي عربي تي، ڪنهن ڪاري کي اڇي تي ۽ ڪنهن اڇي کي ڪاري تي ڪا برتري حاصل نه آهي، پاڻ اعلان فرمائين ٿا ته هڪ مسلمان جي جان جي اها ئي حرمت آهي، جيڪا هن شهر، هن ڏينهن ۽ هن جڳهه جي حرمت آهي، انهن سڀني اوصاف حميده سان گڏ اسان کي نئين نسل کي ٻڌائڻو آهي ته پاڻ ﷺ نبوت جي سڀ کان پهرين دليل جي طور تي ماڻهن جي سامهون پنهنجو ڪردار پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڻ ﷺ جي حيات مبارڪه، اسوه حسنه، پاڻ ﷺ جي گفتار سراپا حق ۽ زندگي امانت ۽ ديانت سان عبارت آهي، پاڻ ﷺ اهل مڪه کي جڏهن پهريون ڀيرو اسلام طرف گهرايو ته انهن کان سوال فرمايو: “ڇا توهان مون کي سچو ڏٺو يا ان جي ابتڙ؟ اهل مڪه واضح جواب ڏنو: “توهان صادق به آهيو ۽ امين به. نبي ڪريم ﷺ جو ڪردار توهان جو پهريون معجزو هو ۽ قرآن مجيد ٻيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان کي انهي اسوه حسنه جي روشني ۾ نئين نسل جي اخلاق ۽ شخصيت جي تعمير ڪرڻي آهي، اهي آداب پنهنجي ٻارن کي سيکارڻا آهن. ٻه سال اڳ مون تعليم واري وزارت کي هدايت ڪئي ته حضور ﷺ جي اخلاق حسنه جي روشني ۾ نئين نسل جي اخلاقي تربيت کي نظام تعليم جو روح بڻايو وڃي. مون کي خوشي آهي ته قومي رحمت اللعالمين ۽ خاتم النبين اٿارٽي ان مقصد جي لاءِ هڪ جامع خاڪو تيار ڪيو جنهن کي وفاقي گادي واري شهر جي سطح تي لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتون ان طرف اڳڀرائي ڪري رهيون آهن جيڪو خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ديني مدرسن ۾ عالمن جي جيڪا نئين نسل تيار ٿي رهي آهي اها اخلاق ۽ ڪردار ۾ ممتاز هجي ۽ جڏهن اهي محراب ۽ منبر جي ذميواري سنڀالين ته اهي اسوه حسنه جي روشني ۾ قوم کي وحدت جو پيغام ڏين، اهي نماز سان گڏوگڏ اخلاق ۾ به امام هجن، انهن جي پٺيان نماز پرهندڙ انهن جو خطبو ٻڌندڙ پنهنجي ڪردار ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾، محنت ۽ ديانت جو نمونو بڻجي وڃن. وزيراعظم چيو ته فرقيواريت جي هلاڪت خيزي کان توهان چڱي طرح واقف آهيو ان جو علاج آسان آهي هڪ ئي هستي اسان جي سڃاڻپ ۽ شناخت هجي اسان جي هر محبت نبي ڪريم ﷺ جي محبت جي تابع هجي. صحابه ڪرام، اهل بيت عظام، فقهائي امت اهي سڀ اسان جي عزت ۽ اسان جي سرن جا تاج آهن، ڇو ته انهن سڀني کي نبي آخرالزمان ﷺ سان نسبت آهي، اسان جو آئين به اسان کي رڳو قران ۽ سنت جو پابند بڻائي ٿو. فرقيواريت ان وقت پکڙجي ٿي، جڏهن اسان جدا جدا مرڪزن طرف رجوع ڪريون ٿا، اسان پنهنجي جدا سڃاڻپ ٺاهيون ٿا جڏهن مرڪز هڪ هوندو ته ان جو لازمي نتيجو به يڪجهتي ۽ وحدت هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي تحريڪ پاڪستان جي روح کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي جڏهن سڀ مسلمان مسلڪي سڃاڻپ کي پٺتي وجهندي قائداعظم جي قيادت ۾ متحد ٿيا، پاڪستان جهڙو معجزو انهي وحدت جو نتيجو آهي، گذريل سال جڏهن جنگ ٿي ته پوري قوم هڪ جان ٻه دل هئي، نار جي جنگ دوران به پوري قوم متحد هئي. ختم نبوت جو مطلب به وحدت امت آهي هن ملڪ کي عظيم ۽ دنيا ۾ باوقار بڻائڻ جي لاءِ اتحاد کي اختيار ڪرڻو پوندو. قرآن مجيد جو واضح اعلان آهي ته پاڻ ﷺ خاتم النبين آهن. اسان سڀ نبي ڪريم ﷺ جي امت آهيون ان لاءِ اسان کي رڳو انهي هڪ مرڪز طرف رجوع ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعالى اسان کي موقعو ڏنو ته اسان مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي مخلصاڻي ڪوشش ڪئي، وچ اوڀر هڪ وڏي بحران جي ويجهو هو، اسان هڪ طرف جنگبندي جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي ۽ ٻئي طرف مسلمانن ۾ اتحاد جي لاءِ به ڏينهن رات هڪ ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سموري عرصي ۾ ڀرپور طور تي مصروف عمل رهيو، الحمدالله! اسان جي اها گڏيل محنت ڪامياب ٿي ۽ عارضي جنگبندي ممڪن ٿي، امن دشمنن پنهنجو پورو زور لڳايو ته وچ اوڀر جي مسلمانن کي ورڇ ڪريون انهن ۾ نفرت جو زهر پکيڙيون، الله تعالى جو لک لک شڪر آهي جو اهي ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، انهن مخلصاڻي ڪوششن جو بهترين نتيجو مڪه معاهدي جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي، ڀائر ملڪن ترڪيه ۽  سعودي عرب جا سفير هتي موجود آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام ۽ سعودي عرب جو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام پاڪستان سان گڏ مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان جي اندر به اسان کي انهي وحدت جي ضرورت آهي ان لاءِ عالمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، عوام کي فتنه پرور ۽ مفاد پرست عنصرن کان بچائڻو آهي جيڪي انهن کي ورڇ ڪرڻ چاهين ٿا، مهذب دائري ۾ رهندي علمي اختلافن ۾ ڪو حرج نه آهي، اسان جي بزرگن به اختلاف ڪيو پر انهن جا اختلاف اسان جي علمي روايت کي مالامال ڪيو، اسان کي انهن جي ان مثالي ڪردار کي سامهون رکڻو آهي پنهنجي ڳالهه چوڻي آهي ۽ ٻين کي به اهو حق ڏيڻو آهي، ان مثبت رويي سان اختلاف رحمت بڻجي وڃي ٿو ۽ سماج علمي ۽ فڪري ارتقا جي منزل طئي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ مسلمان امت کي جيڪو فڪري چئلينج درپيش آهي، توهان ان کان چڱي طرح واقف آهيو، نئين نسل جا سوال جيڪي جديد علم مان نڪتا آهن جواب طلب آهن، گمراهه ڪندڙ خيال نئين نسل کي پنهنجو شڪار بڻائي رهيا آهن، فرقيواريت نوجوانن جا ذهن آلوده ڪري رهي آهي، انتهاپسندي انهن کي دهشتگردي جو رستو ڏيکاري آهي، سياسي مفاد پرست انهن جي اخلاق تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، اسان کي پنهنجي ٻارن کي انهن سمورن فتنن کان بچائڻو آهي، نئين نسل جي اخلاقي تربيت جي لاءِ سڀ کان پهرين انهن جي ذهنن کي مطمئن ڪريو ان جي لاءِ توهان جهڙن عالمن ۽ اسڪالرز جي سخت ضرورت آهي، اسان جي نبي ڪريم ﷺ اسان کي نصيحت فرمائي ته حڪمت مومن جي گمشده ميراث آهي. اسان کي اسوه حسنه مان رهنمائي وٺندي ان حڪمت سان نئين نسل جي ذهنن کي مطمئن ڪرڻو آهي، ان سان گڏ جديد علم به سيکارڻو آهي.