نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان ملاقات، دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي زور

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن لنڊن ۾ مارلبورو هائوس ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان جي باني ميمبر جي حيثيت سان دولت مشترڪه جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ويزن …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن لنڊن ۾ مارلبورو هائوس ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان جي باني ميمبر جي حيثيت سان دولت مشترڪه جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ويزن ۽ ڪوششن جي حمايت تي زور ڀريو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي نوجوانن، موسمياتي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي جي ايجنڊائن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ اداراجاتي بئنڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي ذريعي دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي پڻ زور ڏنو. موسمياتي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي شعبي ۾ پاڪستان جي مهارت کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته دولت مشترڪه جا ميمبر ملڪ پاڪستان جي مهارت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۾ دولت مشترڪه جي ڊيزاسٽر ريزيلينس هب جي ميزباني جي پاڪستان جي آڇ جو پڻ ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي آڇ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته سيڪريٽريٽ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي  آفتن کان اڳ تياري ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. نوجوانن جي ترقي جي فروغ لاءِ ٻنهي اڳواڻن دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز اجلاس جي پاڪستان جي گڏيل سربراهي تحت نوجوانن بابت سرگرمين ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن نوجوانن جي لاءِ وڌ کان وڌ فائدا ۽ موقعا يقيني بڻائي سگهجن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي کي وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي بشمول آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کان پڻ آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پاڪستان خاص طور تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي مبارڪباد ڏني. هن هڪ تباهي آڻيندڙ جنگ کي ٽارڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا.