پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي لاش جي ڳولا جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي لاش جي ڳولا جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اسپانتڪ ريسڪيو ٽيم جي تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريسڪيو ٽيم ان جڳهه تائين پهچي …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي لاش جي ڳولا جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اسپانتڪ ريسڪيو ٽيم جي تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريسڪيو ٽيم ان جڳهه تائين پهچي وئي آهي جتي پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي لاش موجود هجڻ جو شڪ آهي تنهن هوندي به اهو علائقو تمام وسيع آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن دوران ٿيندڙ شديد برفباري جي ڪري لاش مڪمل طور تي برف هيٺ دٻجي چڪي آهي جنهن جي ڪري ان کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ريسڪيو ٽيم گذريل ٻن ڪلاڪن کان لاش جي ڳولا ۾ مصروف آهي پر اڃا تائين لاش ناهي ملي سگهي. هن چيو ته ريسڪيو آپريشن جاري آهي.