اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيد ميلاد النبيﷺ جي موقعي تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت جو سبب آهي. جاري بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته سيرت طيبه انسانيت لاءِ محبت، اخوت، عدل ۽ رواداري جو ڪامل نمونو آهي. نبي ڪريمﷺ انسانيت کي امن، برابري، ڀائيچاري ۽ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيد ميلاد النبيﷺ جي موقعي تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت جو سبب آهي. جاري بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته سيرت طيبه انسانيت لاءِ محبت، اخوت، عدل ۽ رواداري جو ڪامل نمونو آهي. نبي ڪريمﷺ انسانيت کي امن، برابري، ڀائيچاري ۽ احترام جو درس ڏنو آهي. عيد ميلاد النبيﷺ اسان کي سيرت طيبه تي عمل جي عهد جي تجديد جا موقعو ڏئي ٿي. اسپيڪر چيو ته نبي ڪريمﷺ سان محبت اسان جي ايمان جو لازمي حصو آهي، اسوه رسولﷺ جي پيروي ئي محبت رسولﷺجي حقيقي گهرج آهي، نبي ڪريمﷺ جي تعليمات پوري انسانيت لاءِ رحمت ۽ عدل جو عالمگير پيغام آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته فرقيواريت ۽ تعصب کان مٿانهون ٿي امت ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي ضروري آهي. عالم سڳورا معاشري ۾ اخوت، برداشت، رواداري ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي ڏين. هن چيو ته ٻارن جي تعليم، تربيت، صحت ۽ تحفظ يقيني بڻائڻ معاشري جي ذميواري آهي، اسوه حسنه تي عمل سان ئي معاشري ۾ امن، ڀائيچاري ۽ اجتماعي ڀلائي کي هٿي ملندي آهي. الله تعاليٰ پاڪستان ۽ مسلمان امت کي امن، ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد عطا فرمائي. آمين.










