اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي،ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته محبت رسولﷺ رڳو هڪ جذبو ناهي پر ايمان جي گهرج آهي، اسان جي زندگين ۾ سيرت طيبه جي پيروي جو جذبو هئڻ گهرجي. رٿابندي وزارت پاران جاري پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي سيرت طيبهﷺ جي روشني ۾ پنهنجي انفرادي ۽ …
محبت رسولﷺرڳو هڪ جذبو ناهي پر ايمان جي گهرج آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي،ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته محبت رسولﷺ رڳو هڪ جذبو ناهي پر ايمان جي گهرج آهي، اسان جي زندگين ۾ سيرت طيبه جي پيروي جو جذبو هئڻ گهرجي. رٿابندي وزارت پاران جاري پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي سيرت طيبهﷺ جي روشني ۾ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي سنوارڻو آهي، سيرت رسول اسان کي محبت، برداشت، اخوت ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. اسان جي معاشري ۾ سيرت نبويﷺ جي روشني ۾ محبت، رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت سيرت نبويﷺ سان موجوده دور جي مسئلن ۾ رهنمائي لاءِ 9 سيرت چيئرز قائم ڪيون آهن، نوجوان نسل کي سيرت طيبهﷺ جي اصل روح ۽ تعليم سان روشناس ڪرائينداسين.











