اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه اسان لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي، ان جي پوري زندگي، رحمت، محبت، عدل، برداشت، در گذر ۽ حسن اخلاق جو عملي نمونو آهي، اڄ اسان جو نوجوان نسل اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هن کي مختلف فڪري، اخلاقي، معاشرتي ۽ ڊجيٽل چئلينجز سامهون آهن. سوشل ميڊيا، …
نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه اسان لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه اسان لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي، ان جي پوري زندگي، رحمت، محبت، عدل، برداشت، در گذر ۽ حسن اخلاق جو عملي نمونو آهي، اڄ اسان جو نوجوان نسل اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هن کي مختلف فڪري، اخلاقي، معاشرتي ۽ ڊجيٽل چئلينجز سامهون آهن. سوشل ميڊيا، بي مقصد مواد، عدم برداشت، ماده پرستي ۽ مختلف ناڪاري رجحان اسان جي نئين نسل جي شخصيت ۽ سوچ تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. سيرت طيبه ﷺ اهڙي ماحول ۾ اسان جي نوجوانن لاءِ سڀ کان بهترين رهنمائي فراهم ڪري ٿي، اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي زندگين کي اسوه رسولﷺ موجب اختيار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته جن سيرت تي ڪتاب، نعتيه ڪلام ۽ تحقيقي مقالن ۾ مقابلن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون، هو انعامن ۽ انهن جي علمي ۽ ادبي ڪوششن جو اعتراف ڪري ٿو جيڪي سيرت طيبه جي پيغام کي هٿي ڏيڻ ۾ مصروف عمل آهن. هن انعام حاصل ڪندڙن کي مبارڪون ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته اهو حوصلو ايندڙ نسلن ۾ به علم ۽ اخلاق جي ان سفر ۾ وڌيڪ اڳيان وڌڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته اڄ اسان کي اهو موقعو ميسر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان جي مشهور نعت خوانن کان سندن ڪلام ٻڌنداسين. هن چيو ته حضور پاڪﷺ جن کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو ويو. سندن پوري زندگي رحمت، محبت، عدل، برداشت، درگذر ۽ حسن اخلاق جو عملي نمونو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي قرآن ۽ سنت موجب زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي، اسان جي ملڪ کي قائم ۽ دائم رکي، ان جي سرحدن جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي پنهنجي وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خلوص نيت سان ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.











