اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عيد ميلادالنبيﷺ تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته عيد ميلاد النبيﷺ اسان کي سيرت طيبهﷺ تي عمل ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نبي ڪريمﷺ انسانيت کي عدل، انصاف، رواداري، محبت ۽ امن جو درس ڏنو. هن چيو ته مسلمان امت جي مسئلن جو حل اتحاد، …
عيد ميلاد النبيﷺ اسان کي سيرت طيبهﷺ تي عمل ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عيد ميلادالنبيﷺ تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته عيد ميلاد النبيﷺ اسان کي سيرت طيبهﷺ تي عمل ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نبي ڪريمﷺ انسانيت کي عدل، انصاف، رواداري، محبت ۽ امن جو درس ڏنو. هن چيو ته مسلمان امت جي مسئلن جو حل اتحاد، اخوت ۽ گڏيل تعاون ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته عيد ميلاد النبيﷺ اختلافن، کي وساري اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته نئين نسل کي سيرت طيبهﷺ سان روشناس ڪرائڻ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سياسي وابستگين ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. اتحاد، اخوت ۽ گڏيل تعاون ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو. هن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ دنيا ۾ امن، ترقي، خوشحالي ۽ ڀائيچاري لاءِ خاص دعا ڪئي.











