اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف، انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پوري قوم ۽ عالم اسلام کي 12 ربيع الاول جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريمﷺجن جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت، هدايت ۽ روشني جو پيغام آهي. سيرت طيبهﷺ اسان لاءِ عدل، انصاف، اخوت، برداشت ۽ خدمت خلق جو ڪامل نمونو آهي. جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته …
سيرت طيبهﷺ اسان لاءِ عدل، انصاف، اخوت، برداشت ۽ خدمت خلق جو ڪامل نمونو آهي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف، انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پوري قوم ۽ عالم اسلام کي 12 ربيع الاول جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريمﷺجن جي ولادت باسعادت پوري انسانيت لاءِ رحمت، هدايت ۽ روشني جو پيغام آهي. سيرت طيبهﷺ اسان لاءِ عدل، انصاف، اخوت، برداشت ۽ خدمت خلق جو ڪامل نمونو آهي. جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته عشق رسولﷺ جي حقيقي گهرج سيرت طيبهﷺ جي تعليم کي عملي زندگي جو حصو بڻائڻ ۾ آهي. نبي ڪريمﷺ جن انسانيت کي عدل، برابري ۽ حقوق العباد جو عظيم درس ڏنو. وفاقي وزير چيو ته سيرت نبويﷺ معاشري ۾ عدل، رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي تعليم ڏئي ٿي. پاڪستان کي مضبوط، پرامن ۽ خوشحال رياست بڻائڻ لاءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته بين المسالڪ هم آهنگي، رواداري ۽ احترام انسانيت اسلامي تعليم جو بنيادي حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته سيرت نبويﷺ جي تعليم تي عمل ڪري معاشري ۾ عدل ۽ انصف کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو، الله تعاليٰ پاڪستان کي امن استحڪام عطا فرمائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.











