گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران عيد ميلادالنبيﷺتي قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪون

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عيدميلاد النبيﷺ جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون ڏيندي زور ڀريو ته ذاتي ۽ اجتماعي ٻنهي زندگين ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي تعليم ۽ نموني تي عمل پيرا ٿيو. گهرو وزارت پاران جاري مبارڪن واري پپيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرمﷺ جن جي زندگي اڄ به معاشرن کي …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عيدميلاد النبيﷺ جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون ڏيندي زور ڀريو ته ذاتي ۽ اجتماعي ٻنهي زندگين ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي تعليم ۽ نموني تي عمل پيرا ٿيو. گهرو وزارت پاران جاري مبارڪن واري پپيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرمﷺ جن جي زندگي اڄ به معاشرن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. محسن نقوي چيو ته الله جي آخري رسول حضرت محمدﷺ جن سموري انسانيت لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا هئا. هن چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺ جن جي آمد رهنمائي، انصاف ۽ همدردي جو پيغام کڻي آئي، جيڪا بني نوع انسان کي سچائي ۽ انساني وقار تي ٻڌل رستوپيش ڪري ٿي. گهرو وزير چيو ته اعلان نبوت کان اڳ نبي ڪريمﷺ جن ديانت ۽ امانتداري لاءِ مشهور هئا. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ ڪمزورن، غريبن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي حقن جي تحفظ تي زور ڀريو. هن چيو ته سيرت النبي ﷺ مسلمانن جي مذهبي، سماجي ۽ اخلاقي ترقي لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ماڻهن ۽ برادرين کي نبي ڪريمﷺ جن جي زندگي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ کين روزمره جي معاملن ۾ لاڳو ڪرڻ گهرجي.