اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن روبينه خالد 12 ربيع الاول تي پوري مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 12 ربيع الاول اسوه رسولﷺ تي عمل جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. نبي ڪريمﷺ جن جي حيات طيبه پوري انسانيت لاءِ بهترين نمونو آهي. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته اسوه رسولﷺ تي عمل ڪندي بي آءِ ايس پي …
نبي ڪريمﷺ جن جي حيات طيبه پوري انسانيت لاءِ بهترين نمونو آهي: روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن روبينه خالد 12 ربيع الاول تي پوري مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 12 ربيع الاول اسوه رسولﷺ تي عمل جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. نبي ڪريمﷺ جن جي حيات طيبه پوري انسانيت لاءِ بهترين نمونو آهي. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته اسوه رسولﷺ تي عمل ڪندي بي آءِ ايس پي ڪمزور ۽ ضرورتمند طبقن جي خدمت لاءِ ڪوشان آهي. سيرت طيبه اسان کي مستحق خاندانن جو سهارو بڻجڻ ۽ سماجي انصاف جي فراهمي جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته نبي ڪريمﷺ جي تعليمات جي روشني ۾ ضرورتمندن ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. اسوه رسولﷺ تي هلندي محبت، اخوت ۽ برابري کي هٿي ڏيڻي پوندي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته سيرت طيبهﷺ تي عمل ئي پرامن ۽ فلاحي معاشري جي ضمانت آهي، الله تعاليٰ اسان کي سيرت طيبهﷺ تي عمل ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي توفيق ڏئي.











