پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 ٻارڙا سڙي فوت

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا. جاري بيان موجب باهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ وارڊ جي ٽئين فلور تي لڳي، باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي  ريسڪيو ٽيمز فوري طور موقعي تي پهچي ويون. امدادي سرگرمين جي عمل ۾ 6 فائر برگيڊ جي گاڏين ۽ 4 ايمبولينسز حصو ورتو. ريسڪيو عملدارن موجب باهه تي …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا. جاري بيان موجب باهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ وارڊ جي ٽئين فلور تي لڳي، باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي  ريسڪيو ٽيمز فوري طور موقعي تي پهچي ويون. امدادي سرگرمين جي عمل ۾ 6 فائر برگيڊ جي گاڏين ۽ 4 ايمبولينسز حصو ورتو. ريسڪيو عملدارن موجب باهه تي فوري ضابطو آڻيندي ٻارڙن کي فوري طور تي آءِ سي يو ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي.  حادثي ۾ مجموعي طور تي 14 ٻارڙا مڪمل طور سڙي فوت ٿي ويا. واقعي جي انڪوائري لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. انڪوائري ڪميٽي باهه لڳڻ جي سببن جو تعين ڪندي. آءِ جي اسلام آباد ۽ ضلعي انتظاميه جا اعليٰ عملدار به موقعي تي موجود هئا.