رياض -26 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ ان فيصلي تي شامي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون. ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽خوشحالي جي خواهش جو اظهار به ڪيو ويو. بيان ۾ سعودي عرب شامي حڪومت پاران سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ، …
سعودي عرب پاران شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي آجيان
رياض -26 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ ان فيصلي تي شامي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون. ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽خوشحالي جي خواهش جو اظهار به ڪيو ويو. بيان ۾ سعودي عرب شامي حڪومت پاران سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ، رياستي ادارن جي تعمير، نئين سر تعمير ۽ ترقي جي ڪمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِقدمن جي سپورٽ جو به ورجاءُ ڪيو. ياد رهي آمريڪا سومر تي 47 سالن کان پوءِ شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.












