ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 12 ربيع الاول 1448هه جي سلسلي ۾ ملير ۾ نڪتل مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير جي مهتمم مفتي محمد جان نعيمي ۽ وڏي وزير مرڪزي جلوس جي اڳواڻي ڪئي. مرڪزي جلوس ۾ وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ مڪاني کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. جلوس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، …
حضرت محمد ﷺ جي تعليمات انسانيت لاءِ امن، محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي، حضور ڪريم ﷺجي سيرتِ طيبه تي عمل پيرا ٿي اسان فلاحي، پرامن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل معاشرو قائم ڪري سگهون ٿا: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 12 ربيع الاول 1448هه جي سلسلي ۾ ملير ۾ نڪتل مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير جي مهتمم مفتي محمد جان نعيمي ۽ وڏي وزير مرڪزي جلوس جي اڳواڻي ڪئي. مرڪزي جلوس ۾ وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ مڪاني کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. جلوس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، مذهبي معاملن واري وزير رياض حسين شاهه شيرازي، قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، خاص معاون سليم بلوچ ۽ ٻيا عوامي نمائندا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جون مبارڪون ڏنيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات انسانيت لاءِ امن، محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي. سيرتِ طيبه ﷺ تي عمل پيرا ٿي اسان هڪ فلاحي، پرامن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل معاشرو قائم ڪري سگهون ٿا.هن چيو ته 12 ربيع الاول اسان کي اتحاد، رواداري، محبت ۽ خدمتِ خلق جو درس ڏئي ٿو. سنڌ حڪومت عشقِ رسول ﷺ، مذهبي هم آهنگي ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام، امن، خوشحالي، ترقي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي.












