سنڌ جي گورنر پاران حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي ولادتِ باسعادت جي موقعي تي مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي 12 ربيع الاول، نبي ڪريم حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي ولادتِ باسعادت جي موقعي تي مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي.گورنر سنڌ چيو ته 12 ربيع الاول سموري انسانيت لاءِ رحمت، محبت ۽ هدايت جي پيغام جو ڏينهن آهي. نبي ڪريم ﷺ انسانيت کي امن، عدل، اخوت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏنو. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته …

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي 12 ربيع الاول، نبي ڪريم حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي ولادتِ باسعادت جي موقعي تي مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي.گورنر سنڌ چيو ته 12 ربيع الاول سموري انسانيت لاءِ رحمت، محبت ۽ هدايت جي پيغام جو ڏينهن آهي. نبي ڪريم ﷺ انسانيت کي امن، عدل، اخوت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏنو. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته سيرتِ طيبه ﷺ اسان لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي، جنهن کي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائڻو پوندو. موجوده دور ۾ سيرتِ رسول ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ اڳ کان وڌيڪ ضروري آهي. هن چيو ته نفرت، تعصب ۽ عدم برداشت جو مقابلو محبت، ڳالهين، صبر ۽ رواداري ذريعي ڪري سگهجي ٿو. اختلافِ راءِ کي دشمني بدران احترام ۽ برداشت سان حل ڪرڻ سيرتِ نبوي ﷺ جي گهرج آهي.گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻي پوندي. اسان کي مذهبي، لساني ۽ سماجي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته جشنِ ولادتِ رسول ﷺ جو حقيقي گهرج آهي ته پاڻ ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ اختيار ڪيو وڃي. سچائي، ديانتداري، برداشت، محبت ۽ انسانيت جي خدمت سيرتِ طيبه ﷺ جا بنيادي پيغام آهن. سيد محمد نهال هاشمي نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي سيرتِ نبوي ﷺ مان رهنمائي حاصل ڪري علم، بهترين ڪردار، برداشت ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجو معمول بڻائين.گورنر سنڌ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي سيرتِ رسول ﷺ تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي.