لنڊن - 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرينز جي هڪ بين الجماعتي گروپ سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب وفد ۾ لارڊ ضمير چوڌري، لارڊ قربان حسين، بيرونس شائسته شيهان ۽ لارڊ شفق محمد کانسواءِ پارليامينٽ ميمبر محمد ياسين، ياسمين قريشي، افضل خان، زبير احمد ۽ عدنان حسين شامل هئا. نائب …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرينز جي هڪ گروپ جي ملاقات

مزید خبریں
لنڊن – 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرينز جي هڪ بين الجماعتي گروپ سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب وفد ۾ لارڊ ضمير چوڌري، لارڊ قربان حسين، بيرونس شائسته شيهان ۽ لارڊ شفق محمد کانسواءِ پارليامينٽ ميمبر محمد ياسين، ياسمين قريشي، افضل خان، زبير احمد ۽ عدنان حسين شامل هئا. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ برطانوي پارليامينٽرينز جي اهم ڪردار ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ انهن جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. برطانوي پارليامينٽ ميمبرن وچ اوڀر ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي جنهن سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ٿيو آهي. نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پائيدار امن ۽ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي پاسداري انتهائي اهم آهي. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن واضح ڪيو ته اهو معاهدو مڪمل طور تي دفاعي نوعيت جو آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي برطانوي پارليامينٽرين تازي قانونساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ماضي ۾ اقتصادي ترقي ۽ تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ان تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته نئين حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي. وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ٻين سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي اهم حڪومتي ۽ آئيني معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪنديون. پارليامينٽرينز گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











