خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي ڪري نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ هن سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ جو اظهار …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي ڪري نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ هن سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم نئين ڄاول ٻارن جي جانين جو زيان انتهائي دل ڏکوئيندڙ ۽ گهري صدمي جو سبب آهي. خاتون اول ان مشڪل گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي ۽ متاثر ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن واقعي جي مڪمل، فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي زور ڀريو ته اسپتال جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اسپتالن ۾ اهڙي نوعيت جي سانحن جي روڪٿام جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. خاتون اول اميد ظاهر ڪئي ته وفاقي حڪومت انهن ٻارن جي ڏکويل خاندانن جي مڪمل سارسنڀال ڪندي ته جيئن ان افسوسناڪ موقعي تي انهن جي ناقابل برداشت درد ۽ ڏک کي گهٽ ڪري سگهجي.