وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، سخت ترين ڪارروائي جا حڪم

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سخت ترين ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي حوالي سان وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو. وزيراعظم واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اجلاس …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سخت ترين ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي حوالي سان وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو. وزيراعظم واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اجلاس دوران وزيراعظم صحت واري سيڪريٽري کي معطل ڪندي اجلاس مان وڃڻ جي لاءِ چيو. وزيراعظم پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ نئين ڄاول ٻارن جي والدين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي دل ڏکويل آهي، والدين جي ان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعالى پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جي هدايت تي قائم ٿيندڙ اعلى سطحي ڪميٽي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، گهرو معاملن وارو اڳوڻو سيڪريٽري شاهد خان ڪميٽي جو سربراهه هوندو.