صدر آصف علي زرداري پاران پمز اسپتال اسلام آباد ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پمز اسپتال اسلام آباد ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن نئين ڄاول ٻارن جي افسوسناڪ موت کي انتهائي دل ڏکوئيندڙ ۽ …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پمز اسپتال اسلام آباد ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن نئين ڄاول ٻارن جي افسوسناڪ موت کي انتهائي دل ڏکوئيندڙ ۽ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته پونئيرن کي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى فوت ٿيندڙن جا درجا بلند فرمائي. صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. صدر چيو ته اسپتالن ۾ مريضن خاص طور تي نئين ڄاول ٻارن جي حفاظت جي لاءِ موثر فائر سيفٽي ۽ هنگامي انتظام يقيني بڻايا وڃن.