اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ 14 نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي عملدارن کي فوري جاچ جي هدايت ڪئي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ 14 نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ 14 نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي عملدارن کي فوري جاچ جي هدايت ڪئي ۽ چيو آهي ته اهو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان افسوسناڪ واقعي تي دل ڏکويل آهي، والدين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، واقعي جي سببن جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. وزيراعظم معصوم ٻارن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.











