اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي لاڳاپيل آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت واري وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري کي فوري طور تي معطل ڪري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اعلى سطحي اجلاس ٿيو، وزيراعظم واقعي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پمز اسپتال ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي لاڳاپيل آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز اسپتال ۾ نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي لاڳاپيل آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت واري وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري کي فوري طور تي معطل ڪري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اعلى سطحي اجلاس ٿيو، وزيراعظم واقعي تي لاڳاپيل آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ صحت واري وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري کي فوري طور تي معطل ڪري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم اعلى سطحي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو معاملن وارو اڳوڻو سيڪريٽري شاهد خان ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊاڪٽر بئريسٽر نبيل اعواڻ شامل آهي.











