اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ پوري مسلمان امت کي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي هو پاڪستان جي عوام ۽ پوري مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ پوري مسلمان امت کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ پوري مسلمان امت کي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي هو پاڪستان جي عوام ۽ پوري مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي حيات مبارڪه ۽ تعليم پوري انسانيت جي لاءِ هدايت جو ابدي سرچشمو آهي، جيڪا اسان کي رحمدلي، انصاف، برداشت، اتحاد ۽ ٻين جي خدمت جو درس ڏي ٿي. هن چيو ته اچو وچن ڪريون ته سيرت النبي ﷺ جي روشني سان پنهنجي ڪردار ۽ اجتماعي طرز عمل کي منور ڪنداسين ۽ هڪ پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.











