سرڪاري اسڪيم حج 2027ع لاءِ رکيل سيٽون صرف 7 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيون ويون آهن: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)سرڪاري اسڪيم حج 2027ع لاءِ رکيل سيٽون صرف 7 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيون ويون آهن، 20 کان 25 ڏينهن جي شارٽ حج پيڪيج جون سيٽون پهرين 24 ڪلاڪن اندر ئي مڪمل ٿي ويون هيون. اڱاري ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت ترجمان موجب لانگ حج پيڪيج جون باقي سيٽون به 25 آگسٽ تي ٻنپهرن جو 12 وڳي مڪمل ٿي ويون آهن. حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)سرڪاري اسڪيم حج 2027ع لاءِ رکيل سيٽون صرف 7 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيون ويون آهن، 20 کان 25 ڏينهن جي شارٽ حج پيڪيج جون سيٽون پهرين 24 ڪلاڪن اندر ئي مڪمل ٿي ويون هيون. اڱاري ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت ترجمان موجب لانگ حج پيڪيج جون باقي سيٽون به 25 آگسٽ تي ٻنپهرن جو 12 وڳي مڪمل ٿي ويون آهن. حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ ڪوٽا مڪمل هئڻ تائين جاري آهن، سرڪاري حج اسڪيم 2027ع ۾ نئون ڊجيٽل نظام، تيز رفتار بُڪنگ ۽ عوام جو ڀرپور اعتماد، حج انتظامن ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيو آهي. سرڪاري حج اسڪيم جون سموريون سيٽون صرف 7 ڏينهن ۾ مڪمل هئڻ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته حج بقايائن جي وصوليءَ جو عمل 18 کان 19 آگسٽ جي وچ واري رات شروع ٿي هئي. سرڪاري حج اسڪيم جون سيٽون ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مڪمل هئڻ ڀلي پار ويندڙن جي ڀرپور اعتماد جو مظهر آهن. نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي سهڪار سان تيار ڊجيٽل حج پليٽ فارم بُڪنگ جي عمل کي آسان ۽ مؤثر  بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل ذريعي ڀلي پار ويندڙن کي گهر ويٺي حج جا مرحلا مڪمل ڪرڻ جي سهولت ميسر رهي. ڊجيتل نظام سبب حج درخواستن ۽ بقايائن جي وصوليءَ جو عمل پهرين کان وڌيڪ منظم، شفاف ۽ تيز رفتار رهيو. وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي قيادت ۾ حج انتظامن کي جديد ڊجيٽل گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جو عملي ڪاميابيءَ سان جاري آهي.