وفاقي گهرو وزير پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو جو دؤرو، جديد ۽ جامع سيڪيورٽي پلان جوڙڻ ۽ ڪم دوران وڻ نه وڍڻ جي هدايت

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو جو دؤرو ڪيو ۽ اتي جاري ترقياتي ڪمن، چار ديواري جي تعمير، چيڪ پوسٽن جي ري ماڊلنگ، سائڪلينگ ۽ واڪنگ ٽريڪس جي رٿائن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. وفاقي وزير چار ديواريءَ تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن دوران ڪنهن به صورت ۾ هڪ وڻ نه …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو جو دؤرو ڪيو ۽ اتي جاري ترقياتي ڪمن، چار ديواري جي تعمير، چيڪ پوسٽن جي ري ماڊلنگ، سائڪلينگ ۽ واڪنگ ٽريڪس جي رٿائن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. وفاقي وزير چار ديواريءَ تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ترقياتي ڪمن دوران ڪنهن به صورت ۾ هڪ وڻ نه وڍيو وڃي. هن ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ روڊن کي ڪشادو ڪرڻ، سائيڪلنگ ۽ واڪنگ ٽريڪس کي جديد طرز تي تيار ڪرڻ ۽ پارڪس کي عالمي معيار موجب بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. محسن نقوي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي کي ڊپلوميٽڪ جي نئين سر جديد ۽ جامع سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جي هدايت ڪندي ڊپلوميٽڪ انڪليو کي جديد، محفوظ ۽ خوبصورت سفارتي زون بڻائڻ ۽ اتي جي رهائشين کي عالمي معيار جون سهولتون ۽ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کي حڪومت جي پهرين ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئريمن وفاقي وزير کي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ جاري رٿائن ۽ هاڻ تائين اڳڀرائيءَ بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اسلام آباد جو ڊي سي، سي ڊي اي ۽ ضلعي انتظاميه جي ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.