نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 18 کان 21 لک روپيا ساليانو فيس مقرر ڪئي وئي آهي: قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي)قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نيلسن عظيم چيو آهي، ته نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 18 کان 21 لک روپيا ساليانو فيس مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان وڌيڪ فيس وصولي تي 45 ادارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. آسيه ناز تنولي ۽ ٻين جي اسلام آباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ نجي اسپتالن ۾ تمام گهڻيون فيسون ۽ چارجز بابت ڌيان …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي)قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نيلسن عظيم چيو آهي، ته نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 18 کان 21 لک روپيا ساليانو فيس مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان وڌيڪ فيس وصولي تي 45 ادارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. آسيه ناز تنولي ۽ ٻين جي اسلام آباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ نجي اسپتالن ۾ تمام گهڻيون فيسون ۽ چارجز بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اهو اهم مسئلو آهي، حڪومت ان تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. ڊپٽي وزيراعظم جي سربراهي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي ان جو جائزو وٺي 18 لک روپيا ساليانو فيس طئي ڪئي آهي. ڪجهه ڪاليجن چيو آهي، ته اسان جي اضافي سهولتن کي نظر ۾ رکندي 25 لک روپيا فيس مقرر ڪئي وڃي. ان تي درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. 61 ان تي درخواستون جمع ڪرايون. 35 جي اپيل کي درست قرار ڏيندي ان جي فيس 21 لک رپيا مقرر ڪئي وئي. پي ايم ڊي سي ان تي هڪ شڪايت پورٽل قائم ڪيو آهي جنهن تي شڪايتون طلب ڪيون ويون. شڪايتون موصول ٿيڻ تي 45 ادارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ته ٽيڪس ادائگي سميت سمورا لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪميٽي فيسن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڪميٽي ٺهي آهي ته وڌيڪ فيسز تي سزائون ڏئي. هتان تعليم حاصل ڪري نڪرندڙ شاگردن جي پهرين ترجيح پرڏيهه نوڪرين جي هوندي آهي، اتي وڃن تي انهن جا ٽيسٽ ٿيندا آهن. زهره ودود فاطمي جي سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته 22 هزار ڊاڪٽرز جون سيٽون آهي، 35 گورنمينٽس آهن، 153 هزار ٻارن اپلاءِ ڪيو، جن مان 22 هزارن کي داخلا ملي. وڏي تعداد ۾ ٻاهر ويندڙ پي ايم ڊي سي جي ويب سائيٽ تي اهڙا تسليم ڪيل ڪاليجز جي لسٽ ڏني آهي انهن ۾ اهي ٻار ويندا جيڪي ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪري چڪا هوندا. انفراسٽرڪچر وڌائيندي سيٽن جو تعداد به وڌايو پيووڃي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فيس کي ريگيوليٽ ڪيو. مصطفيٰ ڪمال ٻڌاو ته نائب وزيراعظم جي سربراهي ۾ ان موضوع تي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن 18 لک روپيا فيس مقرر ڪئي آهي. جن جون شڪايتون وڌيڪ آهن انهن کان آڊٽ رپورٽ سان گڏ درخواستون گهريون آهن، ڪو به ادارو پنهنجي فيس وڌائي نٿو سگهي. 188 ميڊيڪل ڪاليجز مان 35 کي اجازت ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي فيس 18 لک روپين کان وڌيڪ ڪري سگهن ٿا جڏهن ته 21 لک روپين کان وڌيڪ نه هجي.