پاڪستان بيلاروس وچ ۾ سائنسي ۽ فني تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ گڏيل سائنسي ۽ تحقيقي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معيارن، ڪوالٽي انفراسٽرڪچر ۽ حلال سرٽيفڪيشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر بيلا روس جي …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ گڏيل سائنسي ۽ تحقيقي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معيارن، ڪوالٽي انفراسٽرڪچر ۽ حلال سرٽيفڪيشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر بيلا روس جي سفير آندري ميٽيليتسا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ ٻه طرفه سائنسي ۽ فني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن پاڪستان ۽ بيلا روس جي ٻن گڏيل تحقيقي منصوبن جي فنڊنگ ڪندي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل ڪميشن اڳ ئي قائم آهي، جنهن تحت گڏيل تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ گڏيل سائنسي ۽ تحقيقي منصوبن تي عملي اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ معيارن، ڪوالٽي انفراسٽرڪچر ۽ حلال سرٽيفڪيشن جي شعبن ۾ تعاون به وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. خالد حسين مگسي چيو ته زرعي مصنوعات لاءِ مارڪيٽ تائين رسائي جي سلسلي ۾ به پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ تعاون جاري آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي ڌيڪ هٿي ملندي. بيلا روس جي سفير آندري ميٽيليتسا چيو ته سندس ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾پاڪستان سان گڏ ڀرپور تعاون ڪندو. هن پاڪستان جي ڪميونيڪيشن ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪندي گڏيل تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائنسي، فني، تحقيقي ۽ صنعتي تعاون کي عملي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ گڏيل رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيوويو.