لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

لاڙڪاڻو - 25 آگسٽ (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري موجب گشت تي موجود پوليس ٽيم ۽ جوابدارن وچ ۾ ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. …

لاڙڪاڻو – 25 آگسٽ (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري موجب گشت تي موجود پوليس ٽيم ۽ جوابدارن وچ ۾ ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ٿيل معلومات موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ عبدالستار ڪلهوڙو جي نالي سان ٿي آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ملزم ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۽ ڏوهن ۾ ملوث ۽ گهربل هو. فائرنگ دوران فرار ٿي ويل ٻين ڌاڙيلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن.