سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري پاران شاگردن ۽ فيڪلٽي لاءِ تعليمي، تحقيقي، انٽرنشپ ۽ پيشيواراڻي تربيت جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سهڪار تي اتفاق

حيدرآباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري پاڪستان وچ ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي لاءِ تعليمي، تحقيقي، انٽرنشپ، پيشيوراڻي تربيت ۽ صلاحيتن ۾ واڌاري جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب ان سلسلي ۾ ايف اي او پاڪستان جي هڪ وفد، جنهن جي …

حيدرآباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري پاڪستان وچ ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي لاءِ تعليمي، تحقيقي، انٽرنشپ، پيشيوراڻي تربيت ۽ صلاحيتن ۾ واڌاري جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب ان سلسلي ۾ ايف اي او پاڪستان جي هڪ وفد، جنهن جي اڳواڻي آفيسر اِن چارج جيمز رابرٽ اوڪوٺ ڪري رهيو هو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم، تحقيق، شاگردن لاءِ انٽرن شپ ۽ صلاحيتن ۾ واڌاري سميت گڏيل سهڪار جي مختلف شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ۾ ماريا عثمان، اي ايف اي او آر ايڊمنسٽريشن؛ مسٽر پيڊرو گرازون، پروجيڪٽ مئنيجر، آر اي ايف اي اي؛ ۽ ڊاڪٽر اشفاق احمد ناهيون، صوبائي ڪوآرڊينيٽر، جي سي ايف پروجيڪٽ شامل هئا، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال زراعت جي شعبي ۾ ايف اي او پاڪستان جي مسلسل سهڪار ۽ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ سميت ملڪ جا مختلف علائقا موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ زرعي ماهرن، تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته اهي آبادگارن کي عملي ۽ سائنسي بنيادن تي سهڪار فراهم ڪن، هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڳ ئي زراعت، پاڻي جي دستيابي ۽ آبادگارن جي روزگار تي اثرانداز ٿي رهي آهي، تنهنڪري زرعي ماهرن کي آبادگارن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي عملي حل ڳولڻا پوندا، ڊاڪٽر الطاف علي سيال زرعي تعليم ۽ تحقيق کي عملي تجربن سان ڳنڍڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نوجوان گريجوئيٽس کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي، غذائي تحفظ، موسمياتي تبديلي ۽ پائيدار زراعت سان لاڳاپيل چئلينجن کي مؤثر نموني منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جا ماهر مختلف ادارن سان گڏجي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. يونيورسٽي ۽ ايف اي او وچ ۾ مضبوط اداراتي رابطا قائم ٿيڻ سان شاگردن ۽ فيڪلٽي لاءِ تحقيق، انٽرن شپ، پيشوراڻي تربيت ۽ صلاحيتن ۾ واڌاري جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، ايف اي او پاڪستان جي آفيسر رابرٽ اوڪوٺ سنڌ زرعي يونيورسٽي سان اداري جي ماضي جي ڪامياب سهڪار جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ گڏيل منصوبن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، هن موسمياتي تبديلين سبب سنڌ جي آبادگارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ايس اي يو جي شاگردن، زرعي ماهرن ۽ ايف اي او وچ ۾ گڏيل ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته ايف اي او مقامي برادرين ۽ ادارن سان گڏجي، خاص طور سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ زرعي ترقي، آبادگارن جي مدد ۽ پائيدار ۽ فائديمند زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ملاقات ۾ رجسٽرار غلام محي الدين قريشي پڻ موجود هو.