ڄامشورو- 25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيوهڻ پهچي ضلعي ۾ جاري اهم ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو.ان سلسلي ۾ ڊي سي ڪيمپ آفيس سيوهڻ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي موجوده صورتحال، ڪم جي رفتار ۽ معيار …
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران سيوهڻ شريف ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو
ڄامشورو- 25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيوهڻ پهچي ضلعي ۾ جاري اهم ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو.ان سلسلي ۾ ڊي سي ڪيمپ آفيس سيوهڻ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي موجوده صورتحال، ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ چيف انجنيئر بلڊنگ نياز ميمڻ، چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ شفيق احمد ميمڻ، چيف انجنيئر هاءِ ويز ارشد ڀٽو، سپرنٽنڊنٽ انجنيئر پراونشل هاءِ ويز حيدرآباد، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراونشل بلڊنگ حيدرآباد، ايگزيڪيوٽو انجنيئرن، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ بابر علي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سيوهڻ سميت ضلعي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جاري ترقياتي ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ منصوبن جي تعمير ۾ اعليٰ معيار کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن منصوبن جا فائدا حاصل ٿي سگهن. اجلاس کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر جي رينوويشن ۽ مرمتي ڪمن، جهاز چوڪ کان ڪاليج تائين روڊ جي تعمير، درگاهه بودلا بهار روڊ، سيوهڻ قلعي تائين روڊ ۽ ٽنڊو شهبازي پل جي تعميراتي ڪمن جو معائنو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن جي ڪم ۾ غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي ۽ تعميراتي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي. هن چيو ته سيوهڻ هڪ اهم مذهبي، تاريخي ۽ سياحتي شهر آهي، تنهن ڪري هتي جاري ترقياتي منصوبن جي بروقت ۽ معياري تڪميل سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي منصوبن جي نگراني جو عمل جاري رکيو ويندو ته جيئن عوامي مفاد وارن منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرائي سگهجي.











