جڪارته- 25 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ سنگاپور اڱاري ڏينهن آبناءِ ملاڪا ۽ سنگاپور(ايس او ايم ايس) کي آزاد، کليل ۽ محفوظ عالمي سامونڊي لنگهه طور برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سنگاپور ۾ منعقد 17 هين سهڪار فورم دوران ٽنهي سامونڊي ملڪن آبناءِ ملاڪا ۽ سنگاپور جي حيثيت کي عالمي جهاز راني لاءِ استعمال ٿيندڙ آبناءِ طور برقرار رکڻ جي تصديق ڪئي. گڏيل …
انڊونيشيا، ملائشيا ۽ سنگاپور پاران آبناءِ ملاڪا کي محفوظ ۽ کليل رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
جڪارته- 25 آگسٽ (اي پي پي) انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ سنگاپور اڱاري ڏينهن آبناءِ ملاڪا ۽ سنگاپور(ايس او ايم ايس) کي آزاد، کليل ۽ محفوظ عالمي سامونڊي لنگهه طور برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سنگاپور ۾ منعقد 17 هين سهڪار فورم دوران ٽنهي سامونڊي ملڪن آبناءِ ملاڪا ۽ سنگاپور جي حيثيت کي عالمي جهاز راني لاءِ استعمال ٿيندڙ آبناءِ طور برقرار رکڻ جي تصديق ڪئي. گڏيل پڌرائي مطابق هتان بحري جهازن کي گذرڻ جو حق (حق عبوري گذر ) حاصل آهي. جيئن ته سال 1982ع جي گڏيل قومن جي سامونڊي قانون بابت ڪنوينشن ۾ درج آهي ۽ عالمي عرفي قانون ۾ به تسيلم ڪيو وڃي ٿو. انڊونيشيا جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف سي ٽرانسپورٽيشن ، ملائشيا جي ميرين ڊپارٽمينٽ ۽ سنگاپور جي ميري ٽائم اينڊ پورٽ اٿارٽي چيو ته ٽنهي ملڪن اصولي ۽ عملي ٻنهي سطحن تي سامونڊي جهاز راني جي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀروي آهي. ٽنهي ملڪن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته استعمال ڪندڙ ملڪ ، عالمي تنظيمون، بحري صنعت ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون آبناءِ ملاڪا ۽ سنگاپور ۾ بحري اچ وڃ جي سلامتي ۽ ماحولياتي تحفظ جي ذميواري ورهائڻ ۽ ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون.












