بدين- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو آهي ته بدين ضلعو صدين کان مختلف مذهبن، عقيدن ۽ برادرين جي ماڻهن جي گڏيل محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري واري روايتن جو امين رهيو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ برقرار رکندي امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪميٽي روم بدين ۾ منعقد ٿيل بين المذاهب …
ڊپٽي ڪمشنر بدين جي صدارت ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪاميٽي جو اجلاس
بدين- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو آهي ته بدين ضلعو صدين کان مختلف مذهبن، عقيدن ۽ برادرين جي ماڻهن جي گڏيل محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري واري روايتن جو امين رهيو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ برقرار رکندي امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪميٽي روم بدين ۾ منعقد ٿيل بين المذاهب هم آهنگي ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته معاشري ۾ امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مذهبي اڳواڻن، انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سماجي تنظيمن ۽ شهري سماج کي گڏيل ذميواري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هر شهري کي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي مطابق آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي ۽ انتظاميا ان حق جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي هن لاڳاپيل ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سمورين مذهبي عبادتگاهن جي چوڌاري موجود حددخلين جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي مذهبي عبادتگاهن جا دورا ڪري منتظمين سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ سندن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته بين المذاهب هم آهنگي صرف انتظامي ذميواري نه، پر سموري معاشري جي گڏيل ذميواري آهي، ان لاءِ تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ذريعي امن، برداشت ۽ هڪ ٻئي جي احترام بابت آگاهي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ضلعي صدر جميعت علماٰءِ اسلام بدين مولانا عبدالواحد فاروقي بدين جي پرامن ۽ روادار سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته نفرت، فرقيواريت ۽ تفرقي کي هٿي ڏيندڙ ڪنهن به عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ مختلف برادرين وچ ۾ محبت، احترام ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، هن چيو ته اسان اقليتي برادري سان هر ڏک سک ۾ سدائين گڏ آهيون، هنن جي خوشي اسان جي خوشي هنن جو ڏک اسان جو ڏک آهي، ان موقعي تي اقليتي اڳواڻ جيوت رام چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران اقليتي برادري سان سدائين قانون موجب سهڪار ڪيو ويو آهي، جنهن تي اقليتي برادري مطمئن آهي، جيوت رام چيو ته اسان جو مرڻو پرڻو هتي جي ماڻهن سان گڏ آهي پوءِ اهو ڪهڙي به مذهب جو هجي ان سان فرق نٿو پوي هن چيو ته جيڪڏهن ڪابه ڇوڪري پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿي شادي ڪري ٿي ته ڪوبه زور زبردستي ناهي پر اسان چاهيون ٿا ته ان ڇوڪري کي جلد کان جلد عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پوءِ جيڪو ڪورٽ سڳوري فيصلو ڏي اهو سڀني کي قبول آهي پر حقيقت ۾ ايئن نٿو ٿئي ڇوڪري کي دير سان ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪرڻ سبب هن کان مرضي جا بيان ورتا وڃن ٿا. گڏجاڻي ۾ ٻين کانسواءِ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي،اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار جامڻ داس سونارو، اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد فاضل راهو محمد عاطف شفيق، اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ علي گل گبول، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالرحيم کٽي، سپرينٽينڊنٽ نادرا محسن ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر، عالم ۽ اقليتي اڳواڻ پڻ موجود هئا.












