حيدرآباد ضلعي صحت کاتي ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد جي گڏيل سهڪار سان ڊينگي کان بچاءَ ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاھي سيمينار منعقد

حيدرآباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد ضلعي صحت کاتي ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد جي گڏيل سهڪار سان ڊينگي کان بچاءَ ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاھي سيمينار ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف سيال، سي اي او واسا طفيل احمد ابڙو، ٽائون چيئرمين قاسم آباد عبدالغفور …

حيدرآباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) حيدرآباد ضلعي صحت کاتي ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد جي گڏيل سهڪار سان ڊينگي کان بچاءَ ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاھي سيمينار ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف سيال، سي اي او واسا طفيل احمد ابڙو، ٽائون چيئرمين قاسم آباد عبدالغفور درس، صحت کاتي جي آفيسرن، يونين ڪائونسل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو چيو ته ڊينگي کان بچاءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماحول کان ڪرڻي پوندي. هن، يو سي چيئرمينن ۽ وارڊ ڪائونسلرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ صفائي، فوميگيشن ۽ لاروا جي خاتمي وارين سرگرمين کي وڌيڪ مؤثر بڻائين، جڏهن ته ان حوالي سان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي عوام ۾ ڀرپور آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته برساتن کان پوءِ مڇرن جي واڌ ويجهه جا امڪان وڌي ويندا آهن ۽ معمولي غفلت به نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي، تنهن هوندي به احتياطي تدبيرن ۽ گڏيل ڪوششن سان ڊينگي تي اثرائتي نموني ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن شهرين تي زور ڏنو ته صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ ڊينگي جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور ويجهي اسپتال سان رابطو ڪن. ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين ٻڌايو ته ڊينگي جو مڇر صاف ۽ بيٺل پاڻي ۾ پڻ افزائش حاصل ڪري ٿو تنهنڪري فرج جي ٽري، گلن جي ڪونڊين، پاڻي جي ڪولرن، باورچي خاني، غسل خانن، پاڻي جي کليل ٽانڪين ۽ ٻين هنڌن تي پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ اهڙين جڳهن جي باقاعدگي سان صفائي ڪئي وڃي. هن ٽائر پنڪچرن جي دڪانن، ڌوٻي گهاٽن، نرسرين ۽ مڇرن جي ٻين امڪاني افزائش وارن هنڌن تي صفائي ۽ لاروا جي خاتمي کي پڻ يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. سيمينار دوران مڇرن جي لاروا جي افزائش ختم ڪرڻ ۽ ڊينگي کان بچاءَ بابت احتياطي تدبيرن تي ٻڌل آگاهي وڊيو پڻ ڏيکاري وئي، جڏهن ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو ويو ته اهي ڊينگي کان بچاءَ جو پيغام وڌ کان وڌ عوام تائين پهچائين.