صدر پاران ڪيٽي بندر بندرگاهه جي ترقي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور، منصوبي کي قابل اعتماد رستن جي نيٽ ورڪ، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي، صنعتي انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ضروري سهولتن سان ڳنڍيو وڃي: آصف علي زرداري

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيٽي بندر بندرگاهه جي ترقي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبي کي قابل اعتماد رستن جي نيٽ ورڪ، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي، صنعتي انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ضروري سهولتن سان ڳنڍيو وڃي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر اهڙن خيالن جو اظهار چائنا هاربر انجنيئرنگ …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيٽي بندر بندرگاهه جي ترقي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبي کي قابل اعتماد رستن جي نيٽ ورڪ، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي، صنعتي انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ضروري سهولتن سان ڳنڍيو وڃي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر اهڙن خيالن جو اظهار چائنا هاربر انجنيئرنگ ڪمپني (سي ايڇ اي سي) پاران ڪيٽي بندر بندرگاهه جي تجويز ڪيل ترقي جي حوالي سان ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هُن چين جي وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ سامونڊي ترقي جي تعاون جي لاءِ چين جي مسلسل دلچسپي کي ساراهيو. صدر چيو ته ڪيٽي بندر ۾ هڪ اضافي سامونڊي گيٽ وي طور نمايان صلاحيت موجُود آهي جيڪا پاڪستان جي بندرگاهه ۽ لاجسٽڪ نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ، رابطي ۽ واپار کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيني ڌُر ۽ لاڳاپيل پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ ويجهي فني رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ماحولياتي پائيداري کي بنيادي اهميت حاصل هجڻ گهرجي، خاص طور تي سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا جي نازڪ ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ مقامي مهاڻن جي مفادن ۽ روزگار کي نظر ۾ رکيو وڃي. صدر ماسٽر پلان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان تي عملدرآمد ۽ مالي مدد جي مناسب طريقيڪار جي نشاندهي لاءِ مسلسل فني صلاح مُشاورت جي حوصلا افزائي ڪئي. چين جي وفد ڪيٽي بندرگاهه جي تصوراتي ماسٽر پلان تي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ڪيترن ٽرمينلز، لاجسٽڪس ۽ مددي انفراسٽرڪچر سان گڏ هڪ نئين گهري پاڻي جي سامونڊي گيٽ وي جو تصور پيش ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ 500 ميٽر ڊگهو گهڻ مقصدي ٽرمينل شامل آهي، جڏهن ته شروعاتي انجنيئرنگ ڪاٿو تقريبن 522.34 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي. چين جي وفد ۾ پاڪستان ۾ سي ايڇ اي سي جو چيف نمائندو وو پنگ، مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه وانگ زونگ ڊي ۽ انجنيئر شو ٽيلِن کانسواءِ اسٽريٽجي ۽ مارڪيٽنگ جو جنرل مئنيجر علي رضا شامل هئا. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ شيري رحمان، توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں