خيبر ضلعي جي علائقي ۾ زرمت خان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي علائقي زرمت خان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا. خيبر پوليس جي ترجمان مطابق جمرود ٿاڻي جي حدن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ زرمت خان شهيد تخته بيگ تي دهشتگردن مختلف طرفن کان وڏن ۽ ننڍن هٿيارن سان حملو ڪيو. چوڪيءَ ۾ موجود پوليس اهلڪارن بهادري جو مظاهرو …

پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي علائقي زرمت خان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا. خيبر پوليس جي ترجمان مطابق جمرود ٿاڻي جي حدن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ زرمت خان شهيد تخته بيگ تي دهشتگردن مختلف طرفن کان وڏن ۽ ننڍن هٿيارن سان حملو ڪيو. چوڪيءَ ۾ موجود پوليس اهلڪارن بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. مقابلي دوران پوليس اهلڪار شمال شلماني ۽ ايف سي اهلڪار نظير شهيد ٿي ويا. پوليس جوانن جي مدد لاءِ اضافي نفري فوري طور تي موقعي تي پهچي وئي. ڊي پي او خيبر جي نگراني ۾ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. ڊي پي او خيبر وقار احمد ٻڌايو ته شهيد پوليس اهلڪار شمال شلماني ۽ ايف سي اهلڪار نظير فرضن جي ادائيگي دوران غير معمولوي بهادري جو مظاهرو ڪيو. پوليس جوانن مختلف طرفن کان دهشتگردن جي حملي جو ڄَمي مقابلو ڪندي سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. خيبر پوليس دهشتگردي خلاف ڄَمي بيٺل آهي، اسان جا جوان جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

مزید خبریں