اوٽاوا- 24 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا سان ٽن ڏينهن وارين واپاري ڳالهين جي ناڪامي جي فوري بعد ڪئناڊا آمريڪي مصنوعات تي جوابي ٽيرف لڳائڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني پارليامينٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪئناڊا 8 سيپٽمبر کان آمريڪي اسٽيل، اليڪٽرانڪس ۽ ٻين مصنوعات تي ڊالر جي بدلي ڊالر جي بنياد تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪندو. …
ڪئناڊا پاران آمريڪي مصنوعات تي جوابي ٽيرف لڳائڻ جو اعلان
اوٽاوا- 24 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا سان ٽن ڏينهن وارين واپاري ڳالهين جي ناڪامي جي فوري بعد ڪئناڊا آمريڪي مصنوعات تي جوابي ٽيرف لڳائڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني پارليامينٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪئناڊا 8 سيپٽمبر کان آمريڪي اسٽيل، اليڪٽرانڪس ۽ ٻين مصنوعات تي ڊالر جي بدلي ڊالر جي بنياد تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪندو. اهو قدم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪينيڊين مصنوعات تي 50 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي جي ردعمل ۾ کنيو ويو آهي. وزيراعظم مارڪ ڪارني واشنگٽن جي قدمن تي سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته جڏهن توهان تي حملو ڪيو ويندو آهي ته توهان جنگ جي حالت ۾ هوندا آهيو، اسان تي حملو ڪيو ويو آهي ۽ ڪئناڊا پنهنجن ورڪرز، هارين، خاندانن ۽ ڪاروباري شعبي جي حفاظت لاءِ آمريڪا جي نئين ٽيرف جو برابر جواب ڏيندو. هن جو چوڻ هو اسان سندن آڇ کي قبول نه ٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي اسان اهو ڏينداسين جيڪو هنن گهريو آهي. آمريڪي صدر جي نئين ٽيرف سبب ڪئناڊا جي وائن، فرنيچر، ڊيري مصنوعات، سيمنٽ، ڪپڙي ۽ هاڪي جي سامان سميت اٽڪل 20 ارب ڊالر جو روانگي واپار متاثر ٿيندو، اهو ٽيرف ٽه ملڪي آزاد واپاري معاهدي (يو ايس ايم سي اي) تحت ايندڙ مصنوعات تي به لاڳو ٿيندو جيڪو ان کان اڳ ان روانگي واپار کي تحفظ فراهم ڪندو رهيو آهي.












