اسرائيلي فوج نور شمس ڪيمپ ۾ ابو عبيده مسجد جي مينار تي اسرائيلي جهنڊو لڳائي ڇڏيو

والاريل بيت المقدس- 24 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيلي فوج نور شمس ڪيمپ ۾ ابو عبيده مسجد جي مينار تي اسرائيلي جهنڊو لڳائي ڇڏيو. جڏهن ته نابلس ۾ فائرنگ سبب زخمي 14 سالن جو فلسطيني ٻارڙو شهيد ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو ڪنهن مسجد تي اسرائيلي قبضو ظاهر ڪرڻ جو نئون مثال آهي. تلڪرم ۾ فلسطينين جي اوقاف بابت معاملن جي ڊائريڪٽوريٽ ان واقعي جي مذمت ڪندي ان …

والاريل بيت المقدس- 24 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيلي فوج نور شمس ڪيمپ ۾ ابو عبيده مسجد جي مينار تي اسرائيلي جهنڊو لڳائي ڇڏيو. جڏهن ته نابلس ۾ فائرنگ سبب زخمي 14 سالن جو فلسطيني ٻارڙو شهيد ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو ڪنهن مسجد تي اسرائيلي قبضو ظاهر ڪرڻ جو نئون مثال آهي. تلڪرم ۾ فلسطينين جي اوقاف بابت معاملن جي ڊائريڪٽوريٽ ان واقعي جي مذمت ڪندي ان کي هڪ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي قرار ڏنو آهي. اوقاف جي ڊائريڪٽوريٽ مطابق اهو مسجد جي تقدس خلاف قدم آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسرائيلي فوج نور شمس پناه گير ڪيمپ ۾ پنهنجون ڪارروائيون جنوري 2025 کان شروع ڪيون آهن، جنهن دوران 24000 مقامي فلسطينين کي جبري طور بي گهر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي هڪ 14 سالن جو فلسطيني ٻارڙو اسلام احمد عجوري زخمين جا سور نه سگهندي شهيد ٿي ويو، جيڪو صبح جي وقت اسرائيلي فوجين جي فائرنگ سبب زخمي ٿي پيو هو.