سعودي سفارتخاني پاران دمشق ۾ ويزا آفيس کولڻ جو اعلان

دمشق- 24 آگسٽ (اي پي پي) شام ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني گادي واري شهر دمشق ۾ ويزا آفيس کولڻ جو اعلان ڪيو آهي جتي سمورن ويزا درخواستن سان ڪارگو ۽ ٽرانسپورٽيشن بابت درخواستون به وصول ڪيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آچر تي منعقد افتتاحي تقريب ۾ پرڏيهي وزارت جي نمائندگي سفارتڪار فهد بن سالم ابوشنين ڪئي. شام ۾ ناظم الامور عبدالله الحريص، شام جي پرڏيهي وزارت، سياحت واري وزارت، …

دمشق- 24 آگسٽ (اي پي پي) شام ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني گادي واري شهر دمشق ۾ ويزا آفيس کولڻ جو اعلان ڪيو آهي جتي سمورن ويزا درخواستن سان ڪارگو ۽ ٽرانسپورٽيشن بابت درخواستون به وصول ڪيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آچر تي منعقد افتتاحي تقريب ۾ پرڏيهي وزارت جي نمائندگي سفارتڪار فهد بن سالم ابوشنين ڪئي. شام ۾ ناظم الامور عبدالله الحريص، شام جي پرڏيهي وزارت، سياحت واري وزارت، مذهبي اوقاف واري وزارت ۽ سماجي معاملن واري وزارت جا نمائندا ه موجود هئا. سعودي سفارتخاني ٻڌايو آهي ته اهو قدم سعودي عرب ۽ شام جي حڪومتن طرفان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل ڪوششن جو حصو آهي. ياد رهي ته گذريل سال سعودي عرب شام سان 6.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون جيڪو جنگ سبب تباهه ملڪ جي نئين سر تعمير لاءِ مملڪت جي ڪوششن ۾ هڪ اهم قدم آهي.