پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي متاثرن جي ياد ۾ عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي متاثرن جي ياد ۾ عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. گڏيل قومن ان ڏينهن کي ملهائڻ جو فيصلو 2019ع ۾ ڪيو ته جيئن مذهبي نفرت ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. عالمي ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي …

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي متاثرن جي ياد ۾ عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. گڏيل قومن ان ڏينهن کي ملهائڻ جو فيصلو 2019ع ۾ ڪيو ته جيئن مذهبي نفرت ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. عالمي ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي ته جيئن مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي ظلم جو شڪار ٿيل ماڻهن ۽ سندن خاندانن کي ياد رکي سگهجي. اهڙي طرح هن ڏينهن جو ٻيو وڏو مقصد تشدد جو خاتمو به آهي ته جئين مذهبي بنيادن تي ٿيل حملن ۽ تعصب خلاف آواز اٿاري سگهجي. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن  ۽ پروگرامن ۾ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي متاثرن جي حوالي سان عوامي سطح تي شعور اجاگر ڪيو ويو.