اي اين ايف جو سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون، 174.82 ڪلوگرام منشيات هٿ، 7 جوابدار گرفتار

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 3 ڪروڙ 83 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 174.82 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ فيصل آباد ڪوريئر آفيس ۾ بحرين ويندڙ پارسال ۾ ڪپڙن مان 228 گرام آئيس …

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 3 ڪروڙ 83 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 174.82 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ فيصل آباد ڪوريئر آفيس ۾ بحرين ويندڙ پارسال ۾ ڪپڙن مان 228 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. تربت ڊسٽرڪٽ ڪيچ  ويجهو ٽرڪ مان 125 ڪلوگرام آئين هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو گاڏيءَ مان 168 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. جي ٽي روڊ لاهور هائوسنگ سوسائٽي ويجهو رڪشه، گهر مان مجموعي طور تي 10.8 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. حضرو ٽول پلازه اٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار جوابدار کان 6 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، لاهور ۾ 2 جوابدارن جي گاڏيءَ مان 4 ڪلو آئيس جڏهن ته نادرن باءِ پاس ڪراچي ويجهو 12 ڪلو چرس هٿي ڪيو ويو. ڪارروائين جو دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.