اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان ۾ قابض غير قانوني طالبان رجيم خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي، افغان طالبان جي غير قانوني، شدت پسند حڪمراني خلاف مخالف گروپن جي هٿياربند مزاحمت تيز ٿيڻ لڳي، افغانستان جي مختلف حصن ۾ سرگرم هٿياربند افغان گروهه طالبان رجيم کي وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان پهچائي رهيا آهن. طالبان مخالف سياسي ۽ مزاحمتي تنظيم افغان فريڊم فرنٽ …
افغانستان تي قابض غيرقانوني طالبان رجيم خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي: طالبان مخالف مزاحمتي تنظيم افغان فريڊم فرنٽ
اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان ۾ قابض غير قانوني طالبان رجيم خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي، افغان طالبان جي غير قانوني، شدت پسند حڪمراني خلاف مخالف گروپن جي هٿياربند مزاحمت تيز ٿيڻ لڳي، افغانستان جي مختلف حصن ۾ سرگرم هٿياربند افغان گروهه طالبان رجيم کي وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان پهچائي رهيا آهن. طالبان مخالف سياسي ۽ مزاحمتي تنظيم افغان فريڊم فرنٽ مطابق بدخشان صوبي ۾ راڪيٽ حملن جي نتيجي ۾ 9 طالبان اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن جڏهن ته صوبائي گادي واري هنڌ فيض آباد ۾ قائم طالبان جي گورنر آفيس تي حملو ڪيو ويو. افغان فريڊم فرنٽ مطابق لبريشن فرنٽ جي فورسز طالبان جي سيڪيورٽي پوسٽ کي راڪيٽن سان نشانو بنايو آهي. ماهرن مطابق افغان فريڊم فرنٽ جا حملا طالبان مخالف گروپن جي وڌندڙ اتحاد، جنگي صلاحيت ۽ منصوبا بندي جو ثبوت آهن. بدخشان، هرات، تخار ۽ ٻين افغان صوبن ۾ سرگرم تحريڪون جلد طالبان رجيم جي خاتمي جو سبب بڻجندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن.












