ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي: مشعال ملڪ

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي)  حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري (زال) مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڪشمير جو تڪراري گڏيل قومن جي ٺهرائڻ موجب حل ڪيو وڃي، ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، آمريڪي سفير جو ڪشمير کي ڀارت جو حصو قرار ڏيڻ ڳڻتي جو سبب آهي، آمريڪا ڪشمير مسئلي تي پنهنجي تاريخي پاليسي ۽ اصولي موقف برقرار …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي)  حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري (زال) مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڪشمير جو تڪراري گڏيل قومن جي ٺهرائڻ موجب حل ڪيو وڃي، ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، آمريڪي سفير جو ڪشمير کي ڀارت جو حصو قرار ڏيڻ ڳڻتي جو سبب آهي، آمريڪا ڪشمير مسئلي تي پنهنجي تاريخي پاليسي ۽ اصولي موقف برقرار رکي، ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن  ۽ شموليت کان سواءِ ممڪن ناهي. جاري بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير هڪ امڪاني ايٽمي فليش پوائنٽ آهي، عالمي برادري سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، صدر ٽرمپ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ جنگ بندي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حتمي حل اڻٽر آهي. مشعال ملڪ چيو ته امريڪا عالمي امن، انساني حقن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي اصولن سان بيهي، ڪشمير ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان، ڀارت ۽ ڪشميري قيادت کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو وڃي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي نظر انداز ڪري ڪشمير مسئلي جو حل نٿو ڪڍي سگهجي،  عالمي برادري ڪشمير ۾ امن، انساني وقار ۽ خوداراديت واري حق جي حمايت ڪري.