درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 70 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 59 هزار 900 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو …

اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 70 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 59 هزار 900 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 93 هزار 400  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 93  هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 53 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3  لک 12 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 400  ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 67 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 27 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 84 هزار  700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1215.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.283 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.212 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.