واشنگٽن - 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه پاران پاڪستان سميت 75 ملڪن جي شهرين کي اميگرنٽ ويزا جاري ڪرڻ تي لاڳو پابندي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. مين هٽن جي آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج جينيٽ ورگاس 61 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ويزا پابندي واضح طور تي غيرقانوني آهي ۽ وفاقي اميگريشن قانون سان تڪرار ۾ آهي. عدالت چيو ته …
آمريڪي عدالت 75 ملڪن جي شهرين تي ٽرمپ انتظاميه جي ويزا پابندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي
واشنگٽن – 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه پاران پاڪستان سميت 75 ملڪن جي شهرين کي اميگرنٽ ويزا جاري ڪرڻ تي لاڳو پابندي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. مين هٽن جي آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج جينيٽ ورگاس 61 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ويزا پابندي واضح طور تي غيرقانوني آهي ۽ وفاقي اميگريشن قانون سان تڪرار ۾ آهي. عدالت چيو ته ان پاليسي ذريعي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پنهنجي قانوني اختيارن کان اڳيان وڌي ويو. جنوري ۾ لاڳو ٿيل ان پاليسي تحت درخواست گذار جي قوميت جي بنياد تي اميگرنٽ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو هو. ان پابندي سان پاڪستان ۽ بنگلاديش سميت لاطيني آمريڪا، بلقان، آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڪيريبين جا ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا. جج جينيٽ ورگاس اهو فيصلو پرڏيهه ۾ رهندڙن جي حقن وارين تنظيمن، ويزا درخواست گذارن ۽ انهن آمريڪي شهرين پاران داخل ڪيس ۾ ٻڌايو جن متاثر ملڪن مان پنهنجي خاندانن کي آمريڪا گهرائڻ لاءِ درخواستون ڏنيون هيون.












