لنڊن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي مدد ڪندڙ ملڪن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 61 سينٽ اضافي سان 94.39 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ ڪچي تيل جي قيمت 23 سينٽ وڌي 87.60 ڊالر في بيرل ٿي وئي. …
آمريڪا پاران ايران سان واپاري شراڪتدارن تي پابندين جي ڌمڪي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو
لنڊن- 22 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي مدد ڪندڙ ملڪن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 61 سينٽ اضافي سان 94.39 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ ڪچي تيل جي قيمت 23 سينٽ وڌي 87.60 ڊالر في بيرل ٿي وئي. هلندڙ هفتي برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو کان وڌيڪ جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي.












